رحمت الله مخدوم صدر ٺٽوي

رحمت الله، مخدوم، صدر ٺٽوي: هيءُ ٺٽي جي تمام وڏن عالمن مان هو، درس ۽ تدريس جو صاحب، معقول ۽ منقول جو جامع ۽ فروع ۽ اصول تي حاوي عالم ۽ وقت جو علامه هو. عالمگير اورنگزيب سندس علمي ڪمال جي واکاڻ ٻڌي کيس وڏي مان ۽ شان سان پنهنجي درٻار ۾ گھرايو. جڏهن هي شاهي درٻار ۾ پهتو ته بادشاهه کانئس امتحان وٺڻ جو ارادو ڏيکاريو، ان وقت عالمگير جي وزير عنايت الله خان جي هٿ ۾ ’تفسير بيضاويءَ‘ جو هڪ نسخو هو. حڪم ٿيو ته اهو علامه رحمت الله جي حوالي ٿئي ۽ علامه ان کي ڏسي صحيح يا غلط هجڻ جي راءِ ڏئي. مولانا ڪتاب کولي ڏسي هڪدم واپس ڪندي چيو ته غلط آهي. عنايت الله خان موقعو وٺي مولانا کي چيو ته بادشاهن جي درٻار ۾ بنا ڏسڻ وائسڻ ۽ تصديق جي غلط چوڻ درست ناهي، بلڪ اها گستاخي آهي. مولانا سيني تي هٿ رکي ادب سان چيو ته آءٌ پاڻ ڪتاب آهيان، تنهنڪري وڌيڪ ڏسڻ جي ضرورت ڪهڙي اٿم. بادشاهه معلوم ڪري ورتو ته هي وڏي علم جو مالڪ آهي ۽ سندس علم ۽ ادب کان گھڻو متاثر ۽ خوش ٿيو. مولانا وقت به وقت شاهي درٻار ۾ پنهنجي عزت وڌائيندو ويو ۽ جيڪا ڳالهه وزير عنايت الله خان کي سٺي نه لڳي ۽ شڪ ۾ ويڙهجي ويو ته مولانا ڪٿي سندس درجي کي ڌڪ نه رسائي. مولانا اها ڳالهه محسوس ڪري بادشاهه کان ٺٽي جي صدارت جو عهدو وٺي واپس موٽي آيو. مولانا شاعر به هو. مولانا عالمگير اورنگزيب جي وفات کانپوءِ ڪجھه وقت زندهه رهيو ۽ ٻارهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو